پاڪستان ۽ يوڪرين وچ ۾ ڪو به دفاعي معاهدو ناهي: بلاول

پاڪستان ۽ يوڪرين وچ ۾ ڪو به دفاعي معاهدو ناهي: بلاول

اسلام آباد (بيورو رپورٽ)پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري جو چوڻ آهي ته پاڪستان ۽ يوڪرين وچ ۾ ڪو به دفاعي معاهدو ناهي.اسلام آباد ۾ پنهنجي يوڪريني هم منصب دميترو ڪليبا سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري چيو ته روس ۽ يوڪرين وچ ۾ جاري جنگ ۾ انساني جانين جي ضايع ٿيڻ تي افسوس آهي، ٻنهي ملڪن وچ ۾ مسئلا حل ٿيڻ گهرجن. ڳالهين ذريعي حل ٿيڻ گهرجي هن چيو ته پاڪستان ۽ يوڪرين وچ ۾ ڪو به دفاعي معاهدو ناهي، اسان خطي ۾ امن چاهيون ٿا ۽ پاڪستان يوڪرين سان ٻه طرفا لاڳاپا وڌائڻ چاهي ٿو، يوڪرين سان مختلف شعبن ۾ تعاون وڌايو وڃي. يوڪرين جي پرڏيهي وزير دميتروڪليبا چيو ته پاڪستان ۽ يوڪرين جا سٺا لاڳاپا آهن ۽ واپار ۽ تعاون کي وڌيڪ وڌائڻ چاهيون ٿا.يوڪرين جي پرڏيهي وزير اسان جي سلامتي ۽ خودمختياري جي حمايت ڪرڻ تي پاڪستان جا ٿورا مڃيا، يوڪرين جي شين جي عالمي مارڪيٽ تائين پهچ ۾ سهولت فراهم ڪئي.

پهنجو تبصرو موڪليو