سائفر جي سازش ۾ شاهه محمود ۽ اسد عمر به شامل هئا: واوڊا

سائفر جي سازش ۾ شاهه محمود ۽ اسد عمر به شامل هئا: واوڊا

لاهور: (ويب ڊيسڪ) اڳوڻي وفاقي وزير فيصل واوڊا چيو آهي ته سائفر جي سازش ۾ شاهه محمود قريشي ۽ اسد عمر به شامل هئا.اڳوڻي وزيراعظم عمران خان جي پرنسپل سيڪريٽري اعظم خان پاران سائفر بابت ڏنل بيان تي ڳالهيون ڪندي فيصل واوڊا چيو ته اهڙي سموري معاملي جو مقصد آرمي چيف جي مقرري کي روڪڻ هو.فيصل واوڊا وڌيڪ چيو ته ايندڙ وقت ۾ تحريڪ انصاف کان ٽڪيٽ وٺندڙ ڪير به نه هوندو. پي ٽي آءِ چيئرمين چاهيو ٿي ته ملڪ ۾ صدارتي نظام اچي ۽ هو حڪومت هلائيندو رهي.

پهنجو تبصرو موڪليو