متحده نفرت جي سياست پئي ڪري: شرجيل ميمڻ

متحده نفرت جي سياست پئي ڪري: شرجيل ميمڻ

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) صوبائي وزير اطلاعات شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته اسمبليون پنهنجو مدو پورو ڪنديون ٽوڙڻ جي تاريخ جو فيصلو اڃان تائين ناهي ٿي سگهيو. فيصلو پ پ اڳواڻن جي مشاورت کان پوءِ ٿيندو.ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي اطلاعات بابت صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو ته سنڌ حڪمت روزگار وڌائڻ لاءِ قدم کڻي رهي آهي. پاڪستان کي هن وقت انڊسٽريون لڳائڻ جي سخت ضرورت آهي. ڌاٻيجي اڪنامڪ زون شروع ڪيو آهي، پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو چيو آهي ته ماڻهن کي روزگار جا وڌيڪ موقعا ڏنا ويندا. هن چيو ته اسان جي ملڪ ۾ قدرتي معدنيات موجود آهي. معدنيات کي پهاڙن مان ڪڍي مارڪيٽ تائين پهچائڻ جو ڪم ڪري رهيا آهيون. ٻوڏ سبب انٽرنيشنل انويسٽر ڪانفرنس ڪرڻ وڃي رهيا هئاسين جيڪا ملتوي ٿي، اسان عوام کي بهتر سهوليتون ڏيڻ چاهيون ٿا. شرجيل ميمڻ چيو ته ايندڙ حڪومت جنهن جي به هجي پر پاليسيون تبديل نه ٿيڻ گهرجن. ملڪ جي ترقي لاءِ پاليسين جو تسلسل ضروري آهي. پاڪستان جي معيشت کي تمام گهڻا چئلينج آهن. ٻاهرين ۽ اندروني سرمائيڪاري سان معيشت مستحڪم ٿيندي. اسان کي ملڪ جي ترقي لاءِ ڊگهي پاليسي ٺاهڻي پوندي. پ پ اڳواڻ چيو ته پ پ قيادت ملڪ ٽورڻ جون ڳالهيون نه ڪندي آهي. اڄ کان 4 سال اڳ نفرت جو ٻوٽو لڳايو ويو هڪ شخص کي بچائڻ لاءِ اسرائيل کلي سامهون اچي ويو آهي ڪنهن کي اختيار ناهي ته پاڪستان جي اندروني معاملن ۾ مداخلت ڪري. پي ٽي آءِ جي قيادت ملڪ خلاف سازشون ڪري رهي آهي. پاڪستان جا دشمن ملڪ کيس فنڊنگ ڪري رهيا آهن.شرجيل ميمڻ چيو ته ملير، ملتان، ڪشمير ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي چونڊون کٽيون، پيپلز پارٽي واحد پارٽي آهي جيڪا چئني صوبن کي جوڙڻ جي ڳالهه ڪندي آهي اسان گڏجي فيصلا ڪنداسين.اطلاعات واري وزير دعويٰ ڪئي ته پ پ وڏي اڪثريت سان ٻيهر اقتدار ۾ ايندي، سياسي ماحول کي گرم ڪرڻ لاءِ ايم ڪيو ايم بيان ڏئي رهي آهي، جيترا مصنوعي تجربا ڪرڻا هئا اهي ڪري ورتا، هاڻ پاڪستان کي اڳيان هلائڻ جو هڪڙو ئي حل محبت ۽ ڀائيچارو آهي.صوبائي وزير وڌيڪ چيو ته هاڻ فيصلو عوام کي ڪرڻو آهي، عوام جنهن کي چاهي ووٽ ڏيندي، ڪيترائي ماڻهو پيپلز پارٽي سان رابطي ۾ آهن. ايندڙ چونڊن کان اڳ ڪيترائي اڳواڻ پ پ ۾ شامل ٿيندا.

پهنجو تبصرو موڪليو