ريل گاڏين کي شمسي توانائي تي منتقل ڪرڻ جو فيصلو

ريل گاڏين کي شمسي توانائي تي منتقل ڪرڻ جو فيصلو

لاهور (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ريلويز معاشي بار ختم ڪرڻ لاءِ ريلوي نيٽورڪ کي شمسي توانائي تي منتقل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. سي اِي او پاڪستان ريلوي چيو آهي ته ريلوي، ريلوي واري وزير خواجا سعد رفيق جي هدايتن تي 20 جولاءِ کان موهن جو دڙو ايڪسپريس بحال ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي.پاڪستان ريلويز طرفان سوشل ميڊيا تي جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته موهن جو دڙو ايڪسپريس بحال ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. پاڪستان ريلويز طرفان سوشل ميڊيا تي جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو اهي ته موهن جو دڙو ايڪسپريس 8 اڪانومي ڪوچز تي ٻڌل هوندي، ريل دادو رستي ۽ حبيب ڪوٽ هلندي. پاڪستان ريلويز چيو آهي ته موهن جو درو ايڪسپريس جي ڪاميابي جي صورت ۾ بولان ايڪسپريس کي بحال ڪيو ويندو پر خوشحال خان خٽڪ ايڪسپريس کي هلائڻ اڃا ڪمرشل اعتبار سان موزون ناهي. پاڪستان ريلويز جي سي اِي او ٻڌايو ته معاشي بار ختم ڪرڻ لاءِ ريلوي نيٽورڪ کي شمسي توانائي تي منتقل ڪيو ويندو.

پهنجو تبصرو موڪليو