وزيرستان: حملي ۾ 02 ايف سي اهلڪار ۽ 04 شهري شهيد

وزيرستان: حملي ۾ 02 ايف سي اهلڪار ۽ 04 شهري شهيد

مانسهره (ڊيسڪ نيوز) اتر وزيرستان ۾ نامعلوم شرپسندن هڪ گاڏيءَ تي فائرنگ ڪئي آهي جنهن جي نتيجي ۾ گاڏيءَ اندر سوار پيٽروليم ڪمپنيءَ جا 04 ملازم ۽ 02 ايف سي اهلڪار شهيد ٿي ويا آهن. خبرون ڏيندڙ اردو چينل ”ڊان“ جي رپورٽ مطابق مقامي عملدارن فرنٽيئر ڪور (ايف سيءَ) جي آفيسرن اهڙي حملي ۽ جاني نقصان جي تصديق ڪئي آهي. ٻڌايو ويو آهي ته اتر وزيرستان جي تعلقي اسپين وام ۾ صبح 10 وڳي اهو حملو ڪري گاڏيءَ کي نشانو بڻايو ويو. ٻڌايو ويو آهي ته ”مري پيٽروليم پروڊڪشن ڪمپنيءَ“ جا ملازم علائقي ۾ سروي جي ڪم ۾ مشغول هئا ۽ ايف سي اهلڪار سندن حفاظت واري ڊيوٽي ڪري رهيا هئا. اجل جو شڪار ٿيندڙ ڪمپني ملازمن ۾ حڪمت الله، ناصر گل، ويران خان ۽ سمريز جڏهن ته ايف سي اهلڪارن ۾ گل رحيم ۽ ذيشان شانل آهن. ٻڌايو ويو آهي ته ڪجهه ماڻهو زخمي پڻ ٿيا آهن. قانون لاڳو ڪندڙ ادارن طرفان علائقي ۾ جاچ ۽ ملزمن کي پڪڙڻ لاءِ ڪارروائي شروع ڪئي وئي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو