اغوا ٿيل پوليس اهلڪار کي بازياب ڪرائڻ جي دعويٰ

اغوا ٿيل پوليس اهلڪار کي بازياب ڪرائڻ جي دعويٰ

خانپور (ن س)خانپور 2 ڏينھن پھريون ڳڙھي تيغو جي علائقي ڏڪ بند وٽان اغوا ٿي ويل پوليس اهلڪار نصر الله جتوئي کي پوليس ڏوھارين سان مبينا مقابلي ۾ بازياب ڪرائڻ جي دعوي،خانپور پوليس موجب ايس ايس پي شڪارپور جي ھدايتن تي اي ايس پي سٽي خانپور جي ڪچي واري علائقي ۾ ڪارروائي ڪري پوليس اھلڪار نصرالله جتوئي کي بازياب ڪرائڻ جي دعوي ڪئي آهي،ذريعن موجب 2 ڏينھن پھريون پوليس اھلڪار نصرالله جتوئي کي ڌاڙيل پنھنجي ساٿي کي پوليس ھٿان ڇڏرائڻ لاء اغوا ڪيو ھو

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو