نيروبي(ويب ڊيسڪ) برصغير جي راند ڪوڏي ڪوڏي يا ڪٻڏي هاڻي دنيا جي 41 ملڪن ۾ مقبول ٿي رهي آهي. ڪينيا آفريڪا کنڊ جو واحد ملڪ آهي جنهن ۾ ڪٻڏي بيحد مقبول ٿي رهي آهي. ڪينيا ورلڊ ڪپ به کيڏيو ۽ ان جا 6 رانديگر اهڙا آهن جيڪي انڊين ڪٻڏي ليگ به کيڏندا آهن. پاڪستان ۾ ڪوڏي ڪوڏي اڄ به کيڏي ويندي آهي پر هن راند جو جيترو عروج ٻه ڏهاڪا اڳ هو ايترو هاڻي ناهي.

ڀارت واحد ملڪ آهي جتي ڪوڏي ڪوڏي ڏينهون ڏينهن مقبول ٿي رهي آهي ۽ ڀارت ۾ فٽ بال ورلڊ ڪپ کان وڌيڪ ماڻهو ڪٻڏي ڏسندا آهن. ڪينيا جي ڪٻڏي ٽيم جي ڪپتان جو چوڻ آهي ته هنن پهريون دفعو يوٽيوب تي 2014 ۾ اها راند ڏٺي جنهن بعد آهستي آهستي ڪينيا ۾ مقبول ٿي وئي.

ياد رهي ته ڪٻڏي ۾ ست ست رانديگرن تي مشتمل ٻه ٽيمون ٿينديون آهن. هڪ ٽيم جو رانديگر هڻ تي ويندو آهي ته ٻئي ٽيم وارا وٺ ڪندا آهن. جيڪڏهن هڻ تي ويل رانديگر مخالف ٽيم جي ڪنهن به رانديگر کي هٿ هڻي پٽي تي پهچي ويو ته اها پوائنٽ ان کي ملندي، جيڪڏهن وٺڻ واري کيس پڪڙي قابو ڪيو ۽ پٽي تي پهچڻ نه ڏنو ته اها پوائنٽ وٺڻ واري ٽيم کي ملندي آهي. آخر ۾ مقرر ٿيل وقت اندر پوائنٽ جي بنياد تي هار ۽ کٽڻ جو فيصلو ٿيندو آهي.










