چونڊ نشانن جي الاٽمينٽ لاءِ درخواستون طلب

چونڊ نشانن جي الاٽمينٽ لاءِ درخواستون طلب

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان 2023ع جي عام چونڊن ۾ چونڊ نشانن جي الاٽمينٽ لاءِ درخواستون طلب ڪري ورتيون آهن.اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان اعلان ڪيو آهي ته سياسي پارٽين کي الاٽ ٿيل چونڊ نشان لاءِ درخواستون جمع ڪرايون وڃن، درخواستون پارٽي سربراهه جي دستخط سان 19 جولاءِ تائين جمع ڪرائي سگهجن ٿيون.اليڪشن ڪميشن هدايت ڪئي آهي ته چونڊ نشانن جي ترجيحي لسٽ درخواست سان ڳنڍي وڃي، هر درخواست تي پارٽي اڳواڻ جي دستخط ۽ سياسي پارٽي جي هيڊ آفيس جو پتو لازمي هوندو.اليڪشن ڪميشن چيو آهي ته درخواستون ملڻ بعد سمورين سياسي پارٽين جي اهليت جي جانچ ڪئي ويندي، فيبروري مارچ تائين پنجاب، ڪي پي ڪي جي چونڊن لاءِ درخواستون ڏيندڙ پارٽيون ٻيهر درخواست ڏين.اليڪشن ڪميشن موجب نامڪمل ۽ فيڪس ٿيل درخواستن تي غور نه ڪيو ويندو، اڄ کان اڳ چونڊ نشانن جي درخواستن تي به غور نه ڪيو ويندو.اهڙي طرح اليڪشن ڪميشن موجب چونڊ نشانن لاءِ 19 جولاءِ 2023ع کانپوءِ مليل درخواستن تي غور نه ڪيو ويندو، درخواستن سان گڏ اليڪشن ايڪٽ 2017 جي سيڪشن 206 جو حلف نامو به لازمي هوندو.

پهنجو تبصرو موڪليو