ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) انتظاميا جو چوڻ آهي ته ڪراچي ۾ عيد جي پهرين ڏينهن پيپلز بس ۽ گلابي بس جي سروس بند رهندي. ترجمان جو چوڻ آهي ته عيد جي ٻئي ۽ ٽئين ڏينهن شهرين لاءِ بس سروس موجود هوندي. ترجمان موجب پيپلز بس سروس ۽ پنڪ بس سروس جون بسون عيد جي ٻئي ۽ ٽئين ڏينهن پنهنجي مقرر ڪيل سمورن روٽس تي بدستور هلنديون.










