ايف آءِ اي پرويز الاهي کي ٻيهر گرفتار ڪري ورتو

ايف آءِ اي پرويز الاهي کي ٻيهر گرفتار ڪري ورتو

لاهور (ويب ڊيسڪ) وفاقي جاچ اداري (ايف آءِ اي) پاڪستان تحريڪ انصاف جي صدر چوڌري پرويز الاهي کي ٻيهر گرفتار ڪري ورتو.ايف آءِ اي چوڌري پرويز الاهي کي گرفتار ڪري عدالت ۾ پيش ڪيو، کيس مني لانڊرنگ ڪيس ۾ گرفتار ڪيو ويو آهي.ان کان اڳ ايف آءِ اي اينٽي مني لانڊرنگ ٽيم چوڌري پرويز الاهي جي گن مين محمد زمان کي به گرفتار ڪيو هو، جنهن کي جڊيشل مئجسٽريٽ جي عدالت ۾ پيش ڪيو ويو، جڊيشل مئجسٽريٽ جوابدار محمد زمان جو 4 ڏينهن جو جسماني رمانڊ منظور ڪري ورتو. ذريعن جو چوڻ آهي ته محمد زمان صدر پي ٽي آءِ پرويز الاهي جو ڪيش بوائي ۽ فرنٽ مين آهي، محمد زمان چوڌري پرويز الاهي جي غير قانوني مني ٽرانزيڪشن ۾ ملوث آهي، وقت جي ڪهڙي نشاني آهي؟ايف آءِ اي جوابدار محمد زمان جي موبائيل فون مان اهم ثبوت هٿ ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو