ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان بااختيار ڊيلرز کي امپورٽ اٿارٽي واپس وٺڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي.ان سلسلي ۾ جاري ڪيل سرڪيولر موجب، اسٽيڪ هولڊرز جي مشاورت سان بااختيار ڊيلرز جا اختيار واپس ورتا ويا.اسٽيٽ بئنڪ موجب 20 مئي ۽ 5 جولاءِ 2022 جا سرڪيولر واپس ورتا پيا وڃن.بااختيار ڊيلرز کي اختيار ڏنو ويو ته هو 27 ڊسمبر 2022 تي ڪجهه سامان جي درآمد کي ترجيح ڏين.










