ڪوئيٽا (پ_ر) عوامي تحريڪ جي مرڪزي جنرل سيڪريٽري نور احمد ڪاتيار جي اڳواڻي ۾ عوامي تحريڪ جي وفد جي ڊاڪٽر عبدالحئي بلوچ جي پٽ، نيشنل ڊيموڪريٽڪ پارٽي جي اڳواڻ چنگيز خان سان ملاقات. ملاقات ۾ موجوده ملڪي خاص طور بلوچستان ۽ سنڌ جي صورتحال تي تفصيلي ڳالھ ٻول ڪئي وئي. سنڌ ۽ بلوچستان جي ٻيٽن تي قبضن واري وفاقي اسيمبلي جي ميري ٽائيم زونس بل ۽ سنڌ ۽ بلوچستان جي صوبائي اسيمبلين طرفان صوبي جا وسيلا ۽ اختيار وفاق حوالي ڪرڻ واري ملڪ دشمن قراردادن جي اڳواڻن مذمت ڪئي. عوامي تحريڪ جي مرڪزي جنرل سيڪريٽري نور احمد ڪاتيار چيو ته سنڌ ۽ بلوچستان کي فتح ڪيل علائقن وانگر ڦريو ۽ لٽيو پيو وڃي. سنڌ جي پاڻي تي گذريل ڏيڍ صديءَ کان وٺي پنجاب جي حڪمرانن پاران ڌاڙن جو سلسلو جاري آهي. پيپلز پارٽي اقتدار خاطر سنڌ جا سمورا وسيلا وفاق کي لکي ڏيئي ڇڏيا آهن. سنڌي ماڻهن کي دائمي طور اقليت ۾ تبديل ڪرڻ لاءِ غيرملڪين کي آباد ڪيو پيو وڃي، سازشي ڊجيٽل آدمشماري ڪرائي وئي، لکين ايڪڙ زمين ڊي ايڇ اي، بحرياٽائون، ذولفقار آباد، ڪمانڊر سٽي کي ڏني وئي آهي. سنڌ جي تيل، گئس، بجلي ۽ ڪوئلي تي سنڌي ماڻهن جو ڪو به اختيار نه آهي. سامونڊي ٻيٽن تي قبضو ڪيو ويو آهي. هن چيو ته سنڌ ۽ بلوچستان جي وسيلن کي بچائڻ لاءِ سنڌ ۽ بلوچستان جي محب وطن قيادت ۽ ساڃاهه وندن کي گڏجي جدوجهد ڪرڻي پوندي. نيشنل ڊيموڪريٽڪ پارٽي (اين ڊي پي) جي اڳواڻ ايڊووڪيٽ چنگيز خان بلوچ چيو ته سنڌ ۽ بلوچستان معاشي طور تي هن ملڪ کي هلائن ٿا، پر نتيجي ۾ سنڌ ۽ بلوچستان کي ديوار سان لڳايو ويو آهي. سنڌ ۽ بلوچستان جي وسيلن تي قبضو آهي. سنڌين ۽ بلوچن کي بک، بيروزگار ۽ بدحالي جي حوالي ڪيو ويو آهي. رڪوڊيڪ واري معاملي تي سنڌ اسيمبلي ۽ بلوچستان اسيمبلي عوام دشمن فيصلو ڪري سنڌ ۽ بلوچستان جا سمورا وسيلا وفاق کي لکي ڏيئي ڇڏيا آهن. هن چيو ته پارليامينٽ ۾ وٺل بلوچ اڳواڻ بلوچستان لاءِ ڪوبه ڪردار ادا نٿا ڪن. گروهي ۽ ذاتي مفادن واري سياست بلوچستان کي سخت نقصان ڏنو آهي. هن چيو ته اسان جي سينيئر قيادت جي وفات کان پوءِ هڪ خال پيدا ٿيو آهي، ان خال کي نوجوان قيادت ذريعي پُر ڪيو ويندو. هن چيو ته بلوچستان جي حوالي سان جيستائين وطن دوست ۽ عوام دوست نوجوان اڳواڻي وارو ڪردار ادا نه ڪندا تيستائين بلوچ قوم حق حاصل نٿي ڪري سگهي. هن چيو ته ڊاڪٽر عبدالحئي بلوچ هميشه ملڪ جي مظلوم قومن ۽ طبقن جي حقن جي حاصلات لاءِ جدوجهد ڪئي ۽ ان جي جدوجهد کي جاري رکيو ويندو. عوامي تحريڪ جي وفد ۾ عوامي تحريڪ جو مرڪزي سوشل ميڊيا سيڪريٽري ايڊووڪيٽ اظهار دائودپوٽو، مرڪزي پريس سيڪريٽري ڪاشف ملاح، مرڪزي اڳواڻ نور نبي پليجو، مرڪزي اڳواڻ اياز کوسو ۽ سنڌي شاگرد تحريڪ جو مرڪزي سوشل ميڊيا سيڪريٽري اياز صالح پليجو شامل هئا. ان موقعي تي بلوچ اڳواڻ ايڊووڪيٽ قلندر رضا مگسي ۽ غلام علي مگسي پڻ موجود هئا.










