ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪراچي جي ڀتي قرار ڏنل عمارتن جي خلاف سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي ڪارروائي شروع ڪري ڇڏي آهي لياقت آباد سپر مارڪيٽ جي 9 ماڙ عمارت کي زبون قرار ڏيندي سيل ڪيو ويو ايس بي سي اي آفيسرن مطابق سپر مارڪيٽ جي بيسمنٽ ۾ ڪيترن ئي سالن کان پاڻي بيٺو آهي عمارت سيل ڪرڻ تي دڪاندارن سخت احتجاج ڪيو احتجاج ڪندرن جو چوڻ آهي ته انتظاميه ساڍا ست سئو دڪانن کي تالا هڻائي ڇڏيا پر ڪو نوٽيس ناهي ڏنو هن چيو ته عمارت مضبوط آهي زبون قرار ڏيڻ جي ڳالهه سمجهه کان ٻاهر آهي.










