لاهور(ويب ڊيسڪ)پنجاب اسيمبلي جي اڳوڻي سيڪريٽري محمد خان ڀٽي کي معطل ڪيو ويو آهي، جنهن جو نوٽيفڪيشن به جاري ڪيو ويو آهي.ذريعن موجب محمد خان ڀٽي کي اينٽي ڪرپشن اسٽيبلشمينٽ جي سفارش تي معطل ڪيو ويو آهي.محمد خان ڀٽي تي پرنسپل سيڪريٽري طور ڪرپشن جا الزام آهن، هو هن وقت اينٽي ڪرپشن جي حراست ۾ آهي.ٻئي طرف پنجاب اسيمبلي جي ڊائريڪٽر جنرل (ڊي جي) پارلياماني معاملن راءِ ممتاز بابر کي به عهدي تان هٽايو ويو.چوڌري پرويز الاهي جي دور ۾ راءِ ممتاز بابر کي پارلياماني معاملن جو ڊي جي مقرر ڪيو ويو هو.










