جماعت اسلامي جي مينڊيٽ تي راتاهو هڻڻ نه ڏينداسين

جماعت اسلامي جي مينڊيٽ تي راتاهو هڻڻ نه ڏينداسين

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) جماعت اسلامي ڪراچي جي امير حافظ نعيم الرحمان چيو آهي ته جماعت اسلامي جي مينڊيٽ تي راتاهو هڻڻ نه ڏينداسين پيپلزپارٽي فاشسٽ جماعت آهي بلاول ڀٽو جي فاشست پارٽي کي ڪراچي تي قبضو ڪرڻ نه ڏينداسين ڪراچي ۾ صحافين سان ڳالهائيندي حافظ نعيم الرحمان چيو ته جنهن جي اڪثريت آهي ان کي تسليم ڪيو وڃي ان سان صوبي ۽ ملڪ جي ڀلائي آهي ڪراچي جي مينديٽ تي قبضو ڪرڻ نه ڏينداسين هن چيو ته اليڪشن ڪميشن کي پتو نه آهي تڪبنديون ۽ ووٽر لسٽون جعلي آهن. ڪالهه به ڪجهه چيئرمين غائب ٿي ويا هئا سيٽن جي لحاظ کان جماعت سلامي جو انگ وڌيڪ هو آر اوز جي ذريعي اسان جي اڪثريت ختم ڪئي وئي، حافظ نعيم الرحمان چيو ته اليڪشن ڪميشن کي پتو نٿو پوي ته اليڪشن ڪميشن يرغمال بڻجي رهيو آهي اليڪشن ڪميش سب ڏسي رهيو آهي ڪو فرق نٿو پوي هن چيو ته رڳو 6 يوسيز جا ڪيس اسان سڀاڻي سپريم ڪورٽ کڻي وڃي رهيا آهيون پيپلزپارٽي جا 11 نمبر گهت ٿيندا ۽ اسان جا 40 وڌندا 3 لک ووٽ تي چون ٿا ته اسان اڳتي آهيون پيپلزپارٽي وٽ هڪ ئي آپشن آهي قبضي جو حافظ نعيم الرحمان پيپلزپارٽي جي قيادت کي مخاطب ٿيندي چيو ته ڌانڌلي جي باوجود به اوهان جا نمبر پورا نه آهي هي سيٽن ۾ به هارائي ويا ۽ ووٽن ۾ به اوهان ڀلي ڇا به چئو اوهان هڪ فاشسٽ پارٽي آهيو جمهوريت ۾ سوديبازي ڪيئن ٿي سگهي ٿي هن چيو ته چونديل نمائندن کي اغوا ڪيو وڃي ڪالهه به هڪ چيئرمين لاپته ٿي ويو سنڌ هاءِ ڪورٽ جو حڪم آهي ته گم ٿيل چيئرمينن کي 15 جون تي پيش ڪيو وڃي جمهوريت ۾ سوديبازي ڪيئن ٿي رهي آهي هن چيو ته تحريڪ انصاف اسان جي حاميت ڪئي جنهن کان پوءِ 9 لک ووٽ ٿي ويا اوهان ساڍا 3 لک ووٽ تي چئي رهيا آهيو ته ڪراچي ووٽ ڏنو آهي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو