اسلام آباد(بيورو رپورٽ)وفاقي حڪومت 50 هزار کان وڌيڪ رقم نڪرندڙ نان فائلرز تي ٽيڪس جي شرح وڌائي ڇڏي آهي.ايندڙ مالي سال 24-2023ع جي بجيٽ ۾ 50 هزار کان وڌيڪ رقم نڪرندڙ نان فائلرز تي ٽيڪس جي شرح ۾ اضافو ڪيو ويو آهي.بجيٽ دستاويز ۾ چيو ويو آهي ته 50 هزار رپين کان وڌيڪ رقم ڪڍڻ تي 0.6 سيڪڙو ٽيڪس لڳايو پيو وڃي ته جيئن نان فائلرز طرفان بئنڪن مان نڪرندڙ رقم کي دستاويز ڪرڻ ۽ ٽرانزيڪشن جي قيمتن ۾ اضافو ڪيو وڃي.










