ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)ايل پي جي ڊيلرز ايسوسيئيشن جي چيئرمين عرفان کوکر جو چوڻ آهي ته گيس مافيا اوگرا پاران جاري ڪيل اگهه مڃڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي.عرفان کوکر پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته اوگرا ۽ ايف آءِ اي ڇاپا هڻي ٽيمون ٺاهي ڇڏيون آهن.هن چيو ته بليڪ مارڪيٽ ڪندڙن جا لائسنس رد ڪيا ويندا ۽ کين 10 لک رپيا ڏنڊ به لڳايو ويندو.ايل پي جي ڊيلرز ايسوسيئيشن جي چيئرمين وڌيڪ چيو ته ايل پي جي جي بليڪ مارڪيٽنگ ٿي رهي آهي.هن اهو به چيو آهي ته جيڪڏهن ايل پي جي کي بجيٽ ۾ ايل اين جي جيتري سهولت ڏني وڃي ته ان جي قيمت ۾ 50 رپيا في ڪلو گهٽتائي ٿي سگهي ٿي.










