چوڌري پرويز الاهي جو ترجمان گرفتاري بعد رها

چوڌري پرويز الاهي جو ترجمان گرفتاري بعد رها

گوجرانوالا(ويب ڊيسڪ) پوليس پنجاب جي اڳوڻي وڏي وزير چوڌري پرويز الاهي جي ترجمان کي گرفتار ڪري ورتو.چوڌري پرويز الاهي جو ترجمان اقبال چوڌري اڳوڻي وڏي وزير جي پيشي جي سلسلي ۾ سيشن ڪورٽ پهتو.پوليس چوڌري پرويز الاهي جي ترجمان اقبال چوڌري کي سيشن ڪورٽ جي احاطي مان گرفتار ڪري ورتو.جنهن کي بعد ۾ رها ڪيو ويو ٻئي طرف اينٽي ڪرپشن پوليس پي ٽي آءِ صدر پرويز الاهي کي اڄ ڊيوٽي جڊيشل مئجسٽريٽ محمد افضل جي عدالت ۾ پيش ڪندي، جتي سندس جسماني رمانڊ جي درخواست ڪئي ويندي.

پهنجو تبصرو موڪليو