تحريڪ انصاف تي پابندي بابت مون کي خبر ناهي: سعد رفيق

تحريڪ انصاف تي پابندي بابت مون کي خبر ناهي: سعد رفيق

لاهور (ويب ڊيسڪ)ريلوي واري وفاقي وزير خواجا سعد رفيق چيو آهي ته تحريڪ انصاف تي پابندي بابت مون کي خبر ناهي.جناح هائوس لاهور ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي خواجا سعد رفيق چيو ته 9 مئي تي پي ٽي آءِ قيادت ٻاهر هئي ۽ ٽڪيٽ هولڊر ان عمارت اندر هئا.هن چيو ته 9 مئي جو واقعو دل ڏاريندڙ سانحو آهي. جناح هائوس کي باهه پيٽرول يا ماچس سان نه پر ڪيميڪل سان لڳي هئي.وفاقي وزير وڌيڪ چيو ته انهن ظالمن قائداعظم جو سڀ ڪجهه ساڙي ڇڏيو. مشرف دور ۾ هو روز احتجاج ڪندا هئا، پر هن ڪنٽونمينٽ جي حرمت جو خيال رکيو.هن چيو ته دنيا ۾ ڪا به قوم پنهنجي فوج کي شرمسار نه ٿي ڪري، فوج جان ڏئي ٿي.وفاقي وزير اهو به چيو ته مون کي تحريڪ انصاف تي ڪنهن به پابندي جي خبر ناهي.خواجا سعد رفيق اهو به چيو ته جڏهن ڳالهين جو وقت هو ۽ اسان ڳالهائي رهيا هئاسين ته اليڪشن جي تاريخ تي به اتفاق ٿي ويو پر عمران خان ڳالهيون ناڪام ڪيون.هن سوال ڪيو ته عمران خان جي ٺاهيل ڪميٽي ڪنهن سان ڳالهه ٻولهه ڪندي؟ اسان چاهيون ٿا ته اسيمبلي هڪ ڏينهن به آئيني مدي کان اڳتي نه وڌي.وفاقي وزير چيو ته ملٽري ايڪٽ گذريل 26 سالن کان ملڪ جو قانون آهي. عمران خان جو خيال هو ته هو ڪلٽ فالوونگ سان نظام جو تختو اونڌو ڪندو.

پهنجو تبصرو موڪليو