اسلام آباد(بيورو رپورٽ)اڳوڻي وزيراعظم عمران خان کي پيشي لاءِ گاڏي ۾ آڻڻ واري معاملي تي سپريم ڪورٽ جي ترجمان وضاحت ڪئي آهي.سپريم ڪورٽ جي ترجمان پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته اسلام آباد پوليس عمران خان کي سپريم ڪورٽ ۾ پيش ڪرڻ جا انتظام ڪيا.ترجمان موجب سپريم ڪورٽ ڪنهن کي به عدالت ۾ پيشي لاءِ سواري فراهم ڪرڻ جو ناهي چيو.واضح رهي ته وفاقي وزير احسن اقبال هڪ بيان ۾ چيو هو ته ٻڌايو وڃي ته مرسڊيز کي عدالت ۾ ڇو نه موڪليو ويو.










