پاڪستان جي شهيدن کي خراج عقيدت پيش ڪرڻ جو فيصلو

پاڪستان جي شهيدن کي خراج عقيدت پيش ڪرڻ جو فيصلو

اسلام آباد(بيورو رپورٽ)پاڪستان جي شهيدن جي قربانين کي خراج عقيدت پيش ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، جنهن تحت 25 مئي تي يوم شهيد پاڪستان ملهايو ويندو.هن ڏينهن کي ملهائڻ جو مقصد شهيدن جي لازوال قربانين کي ياد ڪرڻ ۽ قوم کي اهو پيغام ڏيڻ به آهي ته شهيدن، انهن جي خاندانن ۽ يادگارن جو احترام ڪرڻ هر پاڪستاني جو فخر آهي.هن ڏينهن تي سڄي ملڪ ۾ شهيدن جي ايصال ثواب لاءِ قرآن خواني ۽ دعائون گهريون وينديون، جڏهن ته پاڪ فوج، پوليس ۽ ٻيا قانون لاڳو ڪندڙ ادارا شهيدن جي يادگار تي سلامي پيش ڪندا.ان کان علاوه جي ايڇ ڪيو، ايئر ۽ نيول هيڊڪوارٽرز ۽ ٻين ڪيترن ئي شهيدن جي يادگارن تي تقريبون منعقد ڪيون وينديون، جڏهن ته صوبائي راڄڌاني، آزاد ڪشمير ۽ گلگت بلتستان ۾ به شهيدن جي ياد ۾ تقريبون منعقد ڪيون وينديون.

پهنجو تبصرو موڪليو