بلوچستان ۾ چيڪ پوسٽ تي حملو، 3 فوجي جوان شهيد

بلوچستان ۾ چيڪ پوسٽ تي حملو، 3 فوجي جوان شهيد

راولپنڊي ( ويب ڊيسڪ)بلوچستان جي علائقي زرغون ۾ سيڪيورٽي فورسز جي چيڪ پوسٽ تي دهشتگردن جي حملي ۾ 3 جوان شهيد ٿي ويا. پاڪ فوج جي شعبي آءِ ايس پي آر موجب سڪيورٽي فورسز جي جوابي ڪارروائي ۾ هڪ دهشتگرد مارجي ويو. آءِ ايس پي آر موجب، چيڪ پوسٽ تي موجود جوانن جي ڀرپور جوابي ڪارروائي کانپوءِ دهشتگرد فرار ٿي ويا. ان حوالي سان آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته چيڪ پوسٽ تازو قائم ڪئي وئي هئي ته جيئن ڪوئلي جي مائنن مان ڀتو وٺڻ کي روڪي سگهجي.

پهنجو تبصرو موڪليو