72 ايم اين ايز جون استعيفائون قبول ڪرڻ جو نوٽيفڪيشن رد

72 ايم اين ايز جون استعيفائون قبول ڪرڻ جو نوٽيفڪيشن رد

لاهور)ويب ڊيسڪ)لاهور هاءِ ڪورٽ پي ٽي آءِ جي 72 قومي اسيمبلي ميمبرن جون استعيفائون منظور ڪرڻ جو نوٽيفڪيشن ڪالعدم قرار ڏئي ڇڏيو.لاهور هاءِ ڪورٽ جي جسٽس شاهد ڪريم رياض فتيانه ۽ ٻين جي درخواستن تي فيصلو ٻڌائيندي تحريڪ انصاف جي قومي اسيمبلي جي 72 ميمبرن جون استعيفائون منظور ڪندي اليڪشن ڪميشن ۽ قومي اسيمبلي جي اسپيڪر جو نوٽيفڪيشن ڪالعدم قرار ڏئي ڇڏيو.عدالت فواد چوڌري، حماد اظهر، شاهه محمود، شفقت محمود ۽ رياض فتيانه سميت ٻين جون استعيفائون قبول ڪرڻ جو نوٽيفڪيشن ڪالعدم قرار ڏئي ڇڏيو.عدالت انهن ميمبرن کي استعيفيٰ واپس وٺڻ لاءِ اسپيڪر آڏو پيش ٿيڻ جي هدايت ڪئي، جڏهن ته عدالت چيو ته اسپيڪر قومي اسيمبلي جي سمورن ميمبرن کي ٻيهر ٻڌڻ کانپوءِ فيصلو ڪري.

پهنجو تبصرو موڪليو