احسن آباد ۾ڌاڙيلن هٿان انجنئيرعبدالباسط جي قتل جي مذمت

احسن آباد ۾ڌاڙيلن هٿان انجنئيرعبدالباسط جي قتل جي مذمت

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) جماعت اسلامي سنڌ جي امير محمد حسين محنتي احسن آباد ۾ڌاڙيلن هٿان انجنئيرعبدالباسط جي قتل جي مذمت ڪندي چيو آهي ته حڪومت شهرين جي جان توڙي مال جي حفاظت ۾ ناڪام ٿي چڪي، هلندڙ سال ڪراچي ۾ ڦورن هٿان چئن مهينن اندر 55 ماڻهن جو قتل حڪومتي ڪارڪردگي تي سواليه نشان آهي، اهڙي صورتحال باوجود حڪومت ۽ پوليس پاران سڀ ڪجهه ٺيڪ آهي جي دعوى عوام جي اکين ۾ ڌوڙ وجهڻ برابر آهي، حڪومت ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارا عوام جي جان، مال ۽ عزت جي حفاظت توڙي قيام امن لاءِ پنهنجون ذميواريون ادا ڪن. صوبائي امير اڄ هڪ بيان ۾ وڌيڪ چيو ته ڪراچي کان ڪشمور تائين سڄو صوبو بدامني جي باهه ۾ ٻري رهيو آهي جڏهن ته اها به حقيقت آهي ته ڏوهارين جي سرپرستي بنا ڏوه ڪرڻ ممڪن ئي ڪونهي، سنڌ حڪومت پاران رينجرز ۽ پوليس سميت امن امان قائم ڪرڻ لاءِ وڏي رقم بجٽ ۾ رکڻ باوجود سنڌ ۾ امن امان جو قيام ۽ شهرين جي جان توڙي مال جي حفاطت ڪرڻ ۾ مڪمل طور تي ناڪام ٿي چڪي آهي، ڪجهه ادارن، بااثر سرداري نظام ۽ ظالم وڏيرا شاهي ڏوه ۽ ڏوه ڪندڙ ماڻهن جي سرپرستي کي پنهنجي ڪمائي جو ذريعو بڻائي ڇڏيو آهي جنهن جي خاتمي لاءِ سموري نيٽ ورڪ جو خاتمو ضروري آهي انڪري حڪومت ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارا شهرين جي جان، مال جي حفاظت ۽ امن امان جي قيام لاءِ پنهنجون ذميواريون پوريون ڪن.#

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو