ميئرز جي نامزدگي بابت خبرن جي ترديد، اڃا فيصلو ناهي ٿيو

ميئرز جي نامزدگي بابت خبرن جي ترديد، اڃا فيصلو ناهي ٿيو

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) پاڪستان پيپلز پارٽي جي مرڪزي قيادت ان ڳالهه کي رد ڪري ڇڏيو آهي ته پارٽي اڃا تائين حيدرآباد سميت سڄي سنڌ ۾ ميئر، ڊپٽي ميئر، چيئرمين ۽ وائيس چيئرمين جي عهدن لاءِ ڪنهن پارٽي اميدوار جو نالو فائنل نه ڪيو آهي.پ پ وومين ونگ جي صدر فريال ٽالپر چيو آهي ته پارٽي ڪراچي ۽ حيدرآباد سميت سڄي سنڌ ۾ ميئر، ڊپٽي ميئر ۽ ضلعي ڪائونسل جي چيئرمين ۽ وائيس چيئرمين جي عهدن لاءِ اميدوارن جي نالن تي غور ڪري رهي آهي.هن وڌيڪ چيو ته ميڊيا ۾ ڪراچي ۽ حيدرآباد سميت ٻين ڪارپوريشنز جي ميئر ۽ ضلعي ڪائونسل چيئرمين، وائيس چيئرمين جي نالن ۾ ڪا به صداقت ناهي.پيپلز پارٽي سنڌ جي صدر نثار کهڙي چيو آهي ته پارٽي پاران مڪاني ادارن جي اميدوارن جي نالن تي صلاح مشورا جاري آهن. جڏهن ته ڪنهن به اميدوار جو نالو فائنل نه ڪيو ويو آهي.هن اهو پڻ چيو ته پارٽي طرفان سنڌ ۾ ميئر، ڊپٽي ميئر ۽ چيئرمين ۽ وائيس چيئرمين جي عهدن جو حتمي فيصلو ٿيڻ بعد پارٽي انهن اميدوارن جي نالن جو باضابطا اعلان ڪندي.

پهنجو تبصرو موڪليو