واشنگٽن (ويب ڊيسڪ)آمريڪي ڪانگريس ميمبر بريڊ شرمين اڳوڻي وزيراعظم عمران خان جي گرفتاري کي ڪرپشن تي ٻڌل قرار ڏئي ڇڏيو.پنهنجي هڪ بيان ۾ هن چيو ته عمران خان جي گرفتاري جو جواز ناهي سڄي ملڪ ۾ پي ٽي آءِ اڳواڻن ۽ ڪارڪنن جي گرفتارين جو سلسلو جاري آهي.بريڊ شرمن وڌيڪ چيو ته عمران خان کي لائيو اسٽريمنگ ڪرڻ گهرجي ته جيئن ماڻهن کي خبر پوي ته هو محفوظ آهي.










