ايران ۾ حجاب نه پائڻ تي 2 اداڪارن خلاف ڪيس داخل

ايران ۾ حجاب نه پائڻ تي 2 اداڪارن خلاف ڪيس داخل

تحران (ويب ڊيسڪ)ايران ۾ حجاب نه پائڻ تي وڌيڪ 2 اداڪارن خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو.مقامي ميڊيا موجب 37 ورهين جي باران ڪوٿري ۽ 44 ورهين جي شقيق دهقان خلاف الڳ الڳ ڪيس داخل ڪيا ويا جڏهن ته تازو ئي انهن کي بغير حجاب جي ڏٺو ويو هو.رپورٽن مطابق ڪيس ۾ ٻنهي اداڪارن کي ڏنڊ يا قيد ٿي سگهي ٿي.مقامي ميڊيا موجب باران ڪوٺاري گذريل جمعي تي اداڪار حسام محمودي جي آخري رسمن ۾ بغير حجاب جي شرڪت ڪئي، ان جون تصويرون فوري طور تي انٽرنيٽ ۽ ڪجهه ميڊيا سائيٽس تي شايع ڪيون ويون، جڏهن ته شوڪت دهقان جي هڪ ڪيفي ۾ حجاب کانسواءِ تصويرون سامهون آيون.ان کان اڳ به ايران ۾ ڪجهه اداڪارائن خلاف حجاب نه پائڻ تي ڪيس داخل ڪيا ويا هئا.

پهنجو تبصرو موڪليو