ڪراچي(ويب ڊيسڪ)چيني محققن پهريون ڀيرو ڀولڙي جي دماغ جي ڪامياب ڪمپيوٽر ٽيسٽ ڪري ورتي آهي. برين ڪمپيوٽر انٽرفيس يعني بي سي آءِ ٽيڪنالوجي ۾ آمريڪا ۽ چين ۾ مقابلو هلي رهيو آهي ۽ چين امريڪا کان اڳتي نڪري ويو آهي. ڀولڙي جي دماغ جي دنيا ۾ پهرين ٽيسٽ آهي جيڪا چين جي BCI ٽيڪنالاجي جي پيش رفت کي ظاهر ڪري ٿي. اهڙن تجربن سان دماغي سائنس جي تحقيق طرف اهم پيش رفت آهي. ماهرن جو چوڻ آهي ته ‘وائيٽ هاٽ ٽيڪنالوجي’ واري جنگ ۾ چين امريڪا کان اڳتي نظر اچي ٿو. بيجنگ ۾ نيورو سرجن ما يونگجي چيو ته ”پهرين جانورن جي آزمائش جي ڪاميابي بريڪ ٿرو آهي ۽ ٻڙي کان هڪ تائين هڪ ڪاميابي آهي، پر انسان جي دماغي ڪلينڪل ٽيسٽ تائين ڪاميابي حاصل ڪرڻ 1 کان 100 تائين جو عمل آهي، تنهنڪري اسان کي اڃا گهڻو ڊگهو رستو طئي ڪرڻو آهي“. بيجنگ ۾ نيورو سرجن ما يونگجي هن تربي سان سلهاڙيل آهي ۽ چين جي شونوا Xuanwu اسپتال ڪيپيٽل ميڊيڪل يونيورسٽي ۾ نيورو سرجن آهي. برين -ڪمپيوٽر انٽرفيس ٽيڪنالاجي اليڪٽريڪل سگنلز کي ڪمانڊز ۾ تبديل ڪندي آهي. جنهن سان مريض جو سن ٿيل دماغ درست ڪم ڪرڻ شروع ڪندو آهي. چين مان هي خبر ان وقت سامهون آئي آهي جڏهن آمريڪا ۽ يورپ ۾ تحقيق ڪندڙن بايو سائنس جي تجربن لاءِ ڀولڙن جي گهربل مقدار ۾ سپلاءِ نه ٿيڻ جي شڪايت ڪئي آهي. وڌيڪ تفصيل ڏسڻ لاءِ هن لنڪ تي ڪلڪ ڪريو










