عمران خان سان ڪينيڊين اپوزيشن ليڊر جي ملاقات

عمران خان سان ڪينيڊين اپوزيشن ليڊر جي ملاقات

لاهور (ويب ڊيسڪ)ڪينيڊا جي مخالف ڌر جي اڳواڻ پيٽرڪ برائون تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان سان ملاقات ڪئي آهي.لاهور جي زمان پارڪ ۾ ٿيل ملاقات ۾ پاڪستان جي سياسي صورتحال ۽ معاشي پاليسين تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.ان موقعي تي عمران خان پاڪستان ۾ چونڊن بابت حڪومتي رويي بابت به ڳالهايو.عمران خان چيو ته جلد چونڊون پاڪستان جي مسئلن جو واحد حل آهن، هو ملڪ کي فلاحي رياست بڻائڻ چاهين ٿا جتي سڀني لاءِ هڪ جهڙو قانون هجي.اڳوڻي وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته حڪمران چونڊن کان ڊنل آهن ۽ چونڊون روڪڻ لاءِ آئين ٽوڙڻ جو رستو اختيار ڪري رهيا آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو