خرطوم (ويب ڊيسڪ)سوڊان جي فوجي ۽ پيرا ملٽري فورسز وچ ۾ ڳالهيون اڄ ٿينديون، سعودي ۽ آمريڪي حڪومتن تصديق ڪئي آهي.سعودي ۽ آمريڪي حڪومتن پاران جاري ڪيل گڏيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته سوڊاني فوج ۽ پيرا ملٽري فورسز وچ ۾ ڳالهيون اڄ جده ۾ ٿينديون.گڏيل بيان ۾ اهو به چيو ويو آهي ته ڌرين کي جنگ بندي لاءِ ڳالهيون ڪرڻ گهرجن ۽ سوڊاني قوم جي مفاد ۾ تڪرار ختم ڪرڻ گهرجي.واضح رهي ته سوڊان ۾ 15 اپريل کان فوج ۽ نيم فوجي دستن وچ ۾ جاري جهڙپ ۾ 700 کان وڌيڪ ماڻهو مارجي ويا آهن ۽ سوين زخمي ٿي پيا آهن.










