اسلام آباد)بيورو رپورٽ) سينيٽ سپريم ڪورٽ جي فيصلن ۽ حڪمن تي نظرثاني وارو بل منظور ڪري ورتو آهي.سينيٽ چيئرمين صادق سنجراڻي جي صدارت هيٺ اجلاس ۾ مسلم ليگ ن جي سينيٽر عرفان صديقي بل پيش ڪيو، جنهن تي مخالف ڌر سخت احتجاج ڪيو.مخالف ڌر جي ميمبرن بل جون ڪاپيون ڦاڙي ڇڏيون، ايوان ۾ سخت احتجاج ڪيو ۽ چيئرمين ڊائس آڏو سخت نعريبازي ڪئي. حڪومتي ۽ مخالف ڌر جي بئنچن جي سيڪيورٽي گهيرو ڪئي وئي. اپوزيشن ميمبرن توهين عدالت نامنظور جا نعرا هنيا.مخالف ڌر جي احتجاج دوران سينيٽ ۾ سپريم ڪورٽ جي فيصلن ۽ حڪمن تي نظرثاني جو بل منظور ڪيو ويو. بل جي حق ۾ 32 ۽ مخالفت ۾ 21 ووٽ پيا.










