ملڪ ۾ 2025 تائين پاڻي جي کوٽ 31 سيڪڙو تائين پهچي ويندي

ملڪ ۾ 2025 تائين پاڻي جي کوٽ 31 سيڪڙو تائين پهچي ويندي

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) وفاق ۽ سنڌ حڪومت جو لونگ انڊس انيشيٽو ۽ صوبن کي موسمياتي تبديلي سان پيش ايندڙ مسئلن بابت گڏيل اهم اجلاس دائريڪٽر جنرل ڪوسٽل ڊيولپمينٽ جي آفيس ۾ ٿيو اجلاس جي صدارت اسماعيل راهو ڪئي اجلاس ۾ وفاقي وزارت ڪلائمينٽ چينج جو سيڪريٽري، سينيئر جوائنٽ سيڪريٽري، صوبائي سيڪريٽري، ڊي جي ڪوسٽل ڊيولپمينٽ ۽ ٻيا آفيسر شريڪ ٿيا اجلاس ۾ سمورن صوبن ۾ يونائيٽيڊ نيشن جي سهڪار سان موسمياتي تبديلي جي اثرن کي روڪڻ لا3 25 منصوبن جو تفصيلي جائزو ورتو ويو اجلاس ۾ سنڌ جي ماحولياتي صحت کي بحال ڪرڻ لاءِ ايڪشن جو به فيصلو ڪيو ويو اسماعيل راهو چيو ته 25 منصوبن تي عملدرآمد مرحليوار ۽ ترجيحاتي بنيادن تي ٿيندو ملڪ ۾ 2025 تائين پاڻي جي کوت 31 سيڪڙو تائين پهچي ويندي اسماعيل راهو وڌيڪ چيو ته 93 سيڪڙو دريائي پاڻي ملڪي زراعت تي استعمال ٿي وڃي ٿو موسمياتي تبديلي جي ڪري ملڪ ۾ ٻوڏ ۽ سوڪهڙي جا خطرا تيزي سان وڌي رهيا آهن موسمياتي تبديلين جي ڪري گليشيئر تيزي سان ڳري رهيا آهن هن چيو ته سنڌو درياهه جي پاڻي جو 60 سيڪڙو ڌارومدار گليشيئر تي آهي جيڪڏهن سنڌو درياهه جي ماحوليات کي اصل حالت ۾ بحال نه ڪيو ويو ته ايندڙ ڏهاڪن ۾ ملڪ بدترين سوڪهڙي جو شڪار ٿيندو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو