نيب ڪيسن سبب  ڪير به سيڙپڪاري نه پيو ڪري: عباسي

نيب ڪيسن سبب ڪير به سيڙپڪاري نه پيو ڪري: عباسي

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) مسلم ليگ ن جي اڳواڻ ۽ اڳوڻي وزيراعظم شاهد خاقان عباسي جو چوڻ آهي ته قومي احتساب بيورو (نيب) گذريل سالن ۾ هڪ به سياستدان کي پڪڙي ناهي سگهيو، نيب ڪيسن کي ڏسندي ملڪ ۾ سيڙپڪاري ناهي ڪئي.اسلام آباد جي احتساب عدالت ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي شاهد خاقان عباسي چيو ته جعلي ڪيسن کي ختم ڪرڻ جي نيب قانون ۾ گنجائش موجود آهي، نيب عدالتن کي ڪيمرا لڳائي عوام کي ٻڌڻ جو موقعو ڏيڻ گهرجي.شاهد خاقان عباسي چيو ته نيب ڪيس ڏسڻ کانپوءِ ملڪ ۾ سيڙپڪاري نه ڪندو آهي، نيب جي تماشي ملڪ کي تباهه ڪري ڇڏيو آهي، جيڪڏهن اڳوڻي وزيراعظم کي ملڪ ۾ انصاف نه ملندو ته پوءِ غريبن کي ڪيئن ملندو.هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته اليڪشن ڪميشن کي چونڊون ڪرائڻيون آهن، جيڪا پارٽي حصو وٺڻ چاهي ٿي اها چونڊن ۾ حصو وٺندي.چونڊون ڪرائڻ ن ليگ جو ڪم ناهي، پي ٽي آءِ ٻئي ڀيري بدنيتي سان ڳالهيون ڪيون.

پهنجو تبصرو موڪليو