سائنس ۽ مذھب  جي موضوع تي لاڙڪاڻي ۾ ليڪچر پروگرام منعقد

سائنس ۽ مذھب جي موضوع تي لاڙڪاڻي ۾ ليڪچر پروگرام منعقد

لاڙڪاڻو(پريس رليز) سنڌ يونيورسٽي ڪئمپس لاڙڪاڻو ۾ سائنس، ادب ۽ آرٽس سوسائٽي طرفان “انسان جي سماجي ارتقا (سائنس ۽ مذھب)” جي موضوع تي پرو وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر اظهر علي شاهه جي صدارت هيٺ ليڪچر پروگرام ٿي گذريو، جنهن ۾ ناليواري اسڪالر 13 سائنسي ڪتابن جي ليکڪ ڊاڪٽر سڪندر مغل مهمان خاص طور شرڪت ڪئي. ان موقعي تي ڊاڪٽر ذوالفقار راهوجو، پروفيسر ڄام جمالي، حسين علي ڪنڀار، حنا شاهه، وزير علي تنيو سميت شاگردن ۽ شاگردياڻين وڏي انگ ۾ موجود هئا. سائنس، ادب ۽ آرٽس سوسائٽي جي عهديدارن ياسين ميمڻ، سيف الله شيخ، حنيف بروهي شرڪت ڪندڙن کي آجياڻو پيش ڪندي ٿورا مڃيا. بعد ۾ ڊاڪٽر سڪندر مغل ڪائنات جي تاريخ تي روشني وڌي ۽ انساني سماج جي مختلف ارتقائي مرحلن جو تفصيلي ذڪر ڪندي چيو ته 200،000 سال پراڻو شڪاري ۽ ميڙيندڙ اسٽيج اھو دور ھيو جڏھن باغن جي ميون ۽ پکين جي شڪار تي گذر صفر ٿيندو ھو. ھن دور ۾ عورت ۽ مرد برابري واري حيثيت سان رھندا ھئا ۽ سماج ۾ ڪي بـ گھٽ وڌ طبقا نـ ھئا. سوجڻ سمجھڻ ۽ ڳالھائڻ جي اڃان شروعات نـ ٿي ھئي. ٻيو دور 70،000 سال پراڻو لھجن ۽ سوچن جو مرحلو هو، جنهن ۾ انساني ڳالھ ٻولھ جي ترقي شامل هئي ۽ ابتدائي خيالن، وهم و گمان، خرافات، جادو، مذهب ۽ انساني سوچ جي ٻين نظامن کي جنم ڏئي ٿي. هن چيو ته 12 هزار سال پراڻي زرعي انقلاب واري مرحلو وڏي اهيمت رکي ٿو، جنهن سماج کي طبقاتي ڍانچي ۾ تبديل ڪيو، جنهن ۾ درياهن جي ڪنارن تي ڳوٺن، شهرن، ذاتي زمينن، ملڪيتن، دولت ۽ ٻين وسيلن جي صورت ۾ مستقل آباديون پيدا ٿيون، جن ۾ سنڌوءَ ماٿري تھذيب سميت، دجلـ ندي ڪناري سميرين تھذيب، فرات ندي ڪناري مصري تهذيب، چيني ۽ يوناني يا رومن تمدن شامل آهن. ڊاڪٽر سڪندر مغل گذريل 500 سالن دوران سائنسي انقلاب ۽ سائنسي سوچ جي ترقيءَ تي به ڳالهايو ۽ ان جو مذهبي فڪر جي اڳين مرحلن سان ڀيٽ ۽ تجزيو ڪيو. ڊاڪٽر اظهر علي شاهه چيو ته انساني سماج ۾ مذھب کي شروع کان تمام وڏي اھميت مليل آھي ۽ مذھب ارتقائي مرحلا طئي ڪندي قرآن پاڪ جي آخري مرحلي تي پھچڻ بعد اڳتي سائنسي فڪر پيدا ڪرڻ لاء راھ ھموار ڪئي تنھڪري سائنس کي صحيح ۽ مستند مذهب جو روح سمجهيو وڃي ٿو ڇاڪاڻ ته اها مذهب جي معني ۽ مفھوم سمجھڻ ۾ مدد ڪري ٿي. هن قرآن جي ڪيترين ئي آيتن جو حوالو ڏيندي جديد سائنسي فڪر سان مڪمل هم آهنگيءَ جو اظهار ڪيو ۽ شاگردن تي زور ڏنو ته اهي قرآن پاڪ جي معني ۽ مفھوم جي ڄاڻ پنھجو پاڻ حاصل ڪري ان جي معنيٰ کي صحيح سمجھن ۽ ان کي جديد سائنسي فڪر سان ڳنڍين تـ سندن شعور کي وڏي وسعت ملندي. هن چيو ته ڊاڪٽر سڪندر مغل يووال نوح ھراري جي معيار جو ليکڪ آهي ۽ هن جو سنڌي ادب خاص ڪري سائنسي ادب ۾ اهم ڪردار آهي. ڊاڪٽر اظهر علي شاهه يووال نوح هراري جي ٽن مشهور ڪتابن بابت پڻ ڳالهايو، جن ۾ سيپيئنز: انسانيت جي مختصر تاريخ، هومو ڊيوس: انسانيت جو مستقبل ۽ 21 هين صديءَ لاءِ 21 سبق شامل آهن. تقريب ۾ دعا شبير، ڪاشف تونيو، بلال بروهي، جميلا چانڊيو، ڪاشف ڀٽو ۽ ٻين شاعري ۽ ٻيو مواد پيش ڪيو. اهڙو بيان پي آر او عاطف رفيق سمون طرفان جاري ڪيو ويو)

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو