خيرات نه پيا گهرون ڪراچي کي حق ڏيو: حافظ نعيم

خيرات نه پيا گهرون ڪراچي کي حق ڏيو: حافظ نعيم

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)امير جماعت اسلامي ڪراچي حافظ نعيم الرحمان چيو آهي ته اسان ڪنهن کان خيرات نٿا گهرون، ڪراچي کي ڪراچي جو حق ڏيو.ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي حافظ نعيم الرحمان چيو ته هن وقت پاڪستان ۾ ستين مردم شماري جو عمل جاري آهي، هڪ ڀيرو ٻيهر آدمشماري تي سوال اٿاريا پيا وڃن.امير جماعت اسلامي ڪراچي جو چوڻ آهي ته آبادي گهٽائڻ جي ڪوشش اڃا به جاري آهي، 2017ع جي آدمشماري جي منظوري غيرقانوني ۽ ڪراچي سان زيادتي آهي.هن چيو ته ان وقت ايم ڪيو ايم اتحادي هئي ۽ ان جي منظوري ۾ به ان جو هٿ هو، ڪراچي ۾ آدمشماري 5 سيڪڙو، لاڙڪاڻي ۾ 27 سيڪڙو ۽ حيدرآباد ۾ 15 سيڪڙو وڌي وئي آهي.حافظ نعيم الرحمان جو چوڻ آهي ته اسان کي لاڙڪاڻي جي صحيح آبادي تي ڪو اعتراض ناهي، اسان جي احتجاج کانپوءِ ئي لاڙڪاڻي جي آبادي هتي ڳڻائي وڃي، آدمشماري جي تاريخ ۾ واڌ ڪئي وئي.هن وڌيڪ چيو ته سمورو ڏوهه صوبائي حڪومت جي نگراني ۾ ٿي رهيو آهي، آدمشماري صوبائي حڪومت جي سهڪار سان ٿي رهي آهي، اي سي ۽ ڊي سي سنڌ حڪومت جي بي ٽيم جو ڪردار ادا ڪري رهيا آهن.هنن جو اهو به چوڻ آهي ته ڪراچي ۾ گهڻ ماڙ عمارتن جو انگ وڌيڪ آهي، شماريات کاتي اعتراف ڪيو ته 40 سيڪڙو گهڻ ماڙ عمارتن جي ڳڻپ ناهي، ڪراچي ۾ خاص ڪري پختونن کي ڳڻپ ناهي ڪيو پيو وڃي، اسان ڪنهن به سازش ۾ ڪامياب نه ٿي سگهون. ٿيو ائين، وادرن ڪراچي جا وسيلا وڪرو ڪيا، ڪراچي جي واپارين کي بي نقاب ڪنداسين.

پهنجو تبصرو موڪليو