راولپنڊي(ويب ڊيسڪ) آرمي چيف جنرل عاصم منير چين پهچي ويو. پاڪ فوج جي عام لاڳاپن واري کاتي (آءِ ايس پي آر) موجب جنرل عاصم منير سرڪاري دوري تي چين روانو ٿي ويو آهي.آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته آرمي چيف جنرل عاصم منير جو چين جو دورو ٻه طرفي فوجي لاڳاپن کي وڌائڻ لاءِ آهي.










