ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)گورنر سنڌ ڪامران ٽيسوري جو چوڻ آهي ته شهر کي ڏوهارين جو شهر بڻائڻ نه ڏينداسين، منهنجي ڪا سياسي ايجنڊا ناهي، اسان سڀ گڏجي هن صوبي لاءِ ڪم ڪنداسين، هي شهر، نوجوان اسان سان گڏ آهن.سنڌ جو گورنر ڪامران ٽيسوري 24هين سحري ڪرڻ لاءِ ڪراچي جي گارڊن شو مارڪيٽ پهتو، جتي شهرين سندس شاندار استقبال ڪيو.سحري کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي گورنر سنڌ چيو ته منهنجو ڪو سياسي ايجنڊا ناهي، سحري ۽ افطار جو مقصد ماڻهن کي پاڻ ۾ ڳنڍڻ آهي.هن چيو ته 1947ع کانپوءِ پهريون ڀيرو عوام کي عزت ۽ پيار ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي، مون عوام لاءِ پکڙا ٺاهيا آهن ۽ هاڻي عوام جو مذاق اڏايو پيو وڃي.هن چيو ته مان عوام جي وچ ۾ ويندس ۽ هن شهر کي مثالي بڻائيندس. سنڌ جي گورنر وڌيڪ چيو ته شهر جا روڊ رستا ٽٽل آهن، اختيارين کان مطالبو ٿو ڪريان ته ٽٽل روڊن جي فوري مرمت ڪئي وڃي.










