اسلام آباد(بيورو رپورٽ) اليڪشن فنڊز بابت ان چيمبر ۾ ٻڌڻي دوران وزيراعظم شهباز شريف سان صلاح مشوري بعد اٽارني جنرل سپريم ڪورٽ پهتو.وزيراعظم شهباز شريف چيمبر جي ٻڌڻي کان اڳ اٽارني جنرل کي مشاورت لاءِ طلب ڪيو هو، جنهن تي اٽارني جنرل وزيراعظم سان ملاقات لاءِ سپريم ڪورٽ کان فوري وزيراعظم آفيس پهتو.ان موقعي تي ميڊيا سان غير رسمي ڳالهه ٻولهه ڪندي اٽارني جنرل منصور عثمان چيو ته پارليامينٽ حڪومت کي فنڊ جاري ڪرڻ کان روڪيو آهي، هاڻي وفاقي حڪومت کي اليڪشن لاءِ فنڊ جاري ڪرڻ جو اختيار ناهي.اٽارني جنرل وزيراعظم سان مشاورت مڪمل ڪرڻ بعد واپس سپريم ڪورٽ پهچي ويو آهي.ان موقعي تي هن چيو ته جڏهن پارليامينٽ فنڊ ڏيڻ کان منع ڪئي آهي ته حڪومت ڪيئن ڏئي سگهي ٿي؟ اٽارني جنرل جو چوڻ آهي ته اڄ ان چيمبر ۾ ٻڌڻي دوران حڪومتي موقف پيش ڪيو ويندو.










