دادو (ن س) دادو ۾ ايم پي اي ڪلثوم چانڊيو جي نوجوان ڀائِيٽي مبينا طور قتل ٿي وئي، دادو جي شاهاڻي پاڙي ۾ ايم پي اي ڪلثوم چانڊيو جي ڀائِيٽي مبينا طور قتل ٿي وئي، لاش اسپتال منتقل ڪيو ويو 2ٻارڙن جي ماءُ ساجده چانڊيو جو گهر مان ڦاهو ڏنل لاش مليو، پوليس سندس مڙس ناصر لنڊ کي گرفتار ڪري ورتو ان سلسلي ۾ مقتولا عورت جي ڀاءُ نبيل چانڊيو چيو آهي ته ڀيڻ کي سندس مڙس ناصر لنڊ قتل ڪري لاش ٽنگي واقعي کي آپگهات جو رنگ ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي آهي ڀيڻ ساجده جي جسم تي ڌڪن جا نشان آهن، پوليس ڀيڻ جي مڙس کي گرفتار ڪيو آهي، جوابدار کان جاچ ڪري انصاف ڪيو وڃي










