آئي ٽي سيڪٽر پاڪستان جي روشن مستقبل جي ڪُنجي آهي:تنزيلا

آئي ٽي سيڪٽر پاڪستان جي روشن مستقبل جي ڪُنجي آهي:تنزيلا

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) وزير اعليٰ سنڌ جي انفارميشن سائنس ۽ ٽيڪنالاجي بابت اسپيشل اسسٽنٽ تنزيلا امِ حبيبه چيو آهي ته آئي ٽي سيڪٽر پاڪستان جي روشن مستقبل جي ڪُنجي آهي، سنڌ حڪومت صوبي ۾ آئي ٽي جي شعبي کي هٿي وٺرائڻ لاءِ پرعزم آهي. بينظير ڀٽو شهيد يونيورسٽي لياري ۾ انفارميشن سائنس اينڊ ٽيڪنالاجي ڊپارٽمينٽ سنڌ پاران شروع ڪيل ”انڊسٽري اڪيڊمي برج پروگرام“ جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي تنزيلا امِ حبيبه چيو ته موجوده دور ۾ انٽرنيٽ دنيا جي قومن، ادارن ۽ فرد لاءِ هڪ جيترو اهميت رکي ٿو. هن چيو ته انفارميشن ٽيڪنالاجي جي قومي ۽ عالمي ضرورتن کي نظر ۾ رکندي سندس کاتي پاران هڪ انقلابي پروگرام تيار ڪيو ويو آهي. هن چيو ته آئي ٽي سيڪٽر جي ترقي سان ان سان لاڳاپيل لکين نوجوانن کي روزگار جا موقعا ملندا. هن وڌيڪ چيو ته سنڌ جو انفارميشن سائنس اينڊ ٽيڪنالاجي کاتو صوبي۾ آئي ٽي سيڪٽر سان لاڳاپيل ڪمپنين، نوجوانن ۽ شاگردن جي هر ممڪن سهولتڪاري وارو ڪردار ادا ڪرڻ لاءِ پرعزم آهي. تنزيلا امِ حبيبه چيو ته پي پي پي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي ويزن ۽ هدايتن جي روشنيءَ ۾ بينظير ڀٽو شهيد يونيورسٽي لياري ۾ شروع ٿيندڙ پروگرام مان شاگردن سان گڏوگڏ لياري جا نوجوان پڻ لاڀ پرائي سگهندا. هن چيو ته لياري سميت سڄي سنڌ جا نوجوان آءِ ٽي جي شعبي ۾ پنهنجي صلاحيتون مڃرائي رهيا آهن، پر ملڪي توڙي بين الاقوامي سطح تي آءِ ٽي ماهرن جي وڌندڙ گهرج کي پورو ڪرڻ لاءِ قومي حڪمت عملي جوڙڻ جي ضرورت آهي. ان موقعي تي لياري يونيورسٽي جو وائيس چانسلر امجد سراج ميمڻ، انفارميشن سائنس اينڊ ٽيڪنالاجي کاتي جو سيڪريٽري آصف اڪرام، ايڊيشنل سيڪريٽري جنيد راجپوت، ايم پي اي شازيا ڪريم سنگهار، اطهر بلوچ ۽ ٻيا پڻ موجود هئا. انفارميشن سائنس اينڊ ٽيڪنالاجي ڊپارٽمينٽ سنڌ طرفان انڊسٽري اڪيڊمي برج پروگرام هيٺ شاگردن کي مختلف آئي ٽي سکيائون ڏيڻ سميت آئي ٽي صنعت ۾ روزگار جا موقعا پڻ فراهم ڪيا ويندا.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو