ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)ڪراچي سميت ملڪ جي مختلف شهرن ۾ رمضان المبارڪ ۾ گئس جو شديد بحران جاري آهي.گيس بحران سبب عوام پريشان، سحر ۽ افطار جي وقت ٻاهران ماني منگائي گهرن جي بجيٽ هلي وئي.بنون ۾ جڏهن سحري ۽ افطار دوران چُلها ٿڌو ٿي ويا ته حافظ آباد ۾ سوئي گيس جي اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ جو سلسلو جاري آهي.گذريل ڪجهه ڏينهن کان ايل پي جي گيس جا اگهه آسمان تي پهچي ويا آهن، قيمتن ۾ روز بروز واڌ سبب شهري ٻيڻو عذاب ۾ مبتلا ٿي ويا آهن.










