ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) جماعت اسلامي سنڌ جي امير محمد حسين محنتي چيو آهي ته سُپريم ڪورٽ جي ججن ۾ تقسيم افسوسناڪ عمل، ادارن جو ٽڪراءُ ملڪ ۽ قوم جي مفاد ۾ ڪونه آهي، ملڪ ۾ جهنگ جو قانون ڪنهن به شهري جي جان، مال ۽ عزت محفوظ ڪونهي، اٽي کان وٺي کنڊ تائين حڪومتي رٽ ڪٿي به نظر ڪونه ٿي اچي. اکين جي ماهر ڊاڪٽر بيربل مينگهواڙ کان ويندي آءِ بي پروفيسر اجمل ساوند جو بيدردي سان قتل حڪومتي ناڪامي جو چٽو ثبوت آهي. مهانگائي کان نجات، امن ۽ انصاف فقط اسلامي نظام ڏئي سگهي ٿي. اهڙن خيالن جو اظهار هن محمود آباد ۾ دعوت افطار کي خطاب ڪندي ڪيو. محمد حسين محنتي وڌيڪ چيو ته مُفت اٽي جي نالي تي عوام جي تذليل ۽ لائنن ۾ موت جي ورهاست ٿي رهي آهي، حڪومتي غفلت ۽ بدانتظامي جي ڪري ڪراچي سميت سڄي ملڪ ۾ درجنين قيمتي انساني جانيون ضايع ٿي چڪيون آهن، موجوده اتحادي حڪومت جو هڪ سال پورو ٿيڻ تي اڄ قوم بدترين مهانگائي، بيروزگاري، بدامني، لوڊشيڊنگ ۽ معاشي توڙي سياسي انتشار جو شڪار جڏهن ته حڪمران عوام جي حالت زار بهتر ڪرڻ بدران ادارن سان سڌو سنئون ٽڪراءُ واري پاليسي ذريعي ملڪ جون پاڙون کوٽي رهيا آهن. رمضان جو ڀلارو مهينو تقوى، تربيت ۽ مسلمانن جي فتح جو مهينو آهي.#










