ٽنڊوباگو (ن س) ٽنڊوباگو کان جھڏو روڊ جي مرمت جو ڪم ھڪ سال گزرڻ باوجود مڪمل نه ٿيو، ٺيڪدار پاران ناقص مٽيرل جو استعمال. رپورٽ موجب ٽنڊوباگو وايا جهڏو روڊ تي هلندڙ مرمتي ڪم جو ٺيڪو اڍائي ارب رپين جي لاڳت سان منظور ڪيو ويو آهي. پر ٽنڊوباگو جھڏو روڊ جي مرمت جو ڪم ھڪ سال گذري وڃڻ جي باوجود به مڪمل ٿي نه سگھيو آهي. 42 ڪلوميٽرن جي روڊ مان صرف 15 ڪلوميٽرن تائين ڪم مڪمل ٿيو آهي. جڏهن ته باقي 27 ڪلوميٽرن تي ڪم مڪمل نه ٿي سگهيو آهي. ٽنڊوباگو کان ماڻڪ واھ جي پل تائين مڪمل ٿيل روڊ جي مرمت ۾ ٺيڪيدار پاران ناقص مٽيريل استعمال ڪرڻ ڪري پاسن کان روڊ ٽٽڻ شروع ٿي ويو آهي، روڊ جي ٻنھي پاسن کان مٽي ڪڍي روڊ جي مرمت ۾ استعمال ڪرڻ سبب وڏا کڏا پوڻ ڪري هڪ ته برساتن کانپوءِ روڊ جا ڪپر ڊهي وڃڻ سان روڊ تباھ ٿي ويندو ۽ روڊ جي پاسن کان برسات پوڻ کانپوءِ وڏا کڏا ٿيڻ ڪري روڊن تي هلندڙ ٽرانسپورٽ ڪراسنگ ڪرڻ دوران ڪنهن به وڏي حادثي پيش اچڻ جو خطرو وڌي ويو آهي. 2011ع جي برساتن دوران تباهه ٿيل روڊ کي ماڻڪ واھ کان وٺي 42 ڪلوميٽر جهڏو تائين ٺيڪيدار پاران روڊ کي ٽوڙڻ ۽ ھڪ سال گذرڻ باوجود ڪم مڪمل نه ٿي سگهيو آهي. جنھن ڪري ھتي جي سوين ڳوٺن جا ھزارين ماڻهو روڊ تي سفر ڪرڻ دوران مشڪلاتن کي منهن ڏين ٿا ۽ روڊ ٽٽل ھجڻ ڪري ھتي ھر روز ڪو نه ڪو حادثو پيش اچي ٿو، جنهن ڪري لاڳاپيل علائقي جي ماڻهن جو جاني ۽ مالي نقصان ٿي رھيو آھي. علائقي جي ڳوٺاڻن ۽ ٽرانسپورٽرن رضا پنجابي، شفيع محمد، الياس خاصخيلي ۽ ٻين چيو ته ڪروڙين رپين جي ماليت جي ھن ٺيڪي جو ٺيڪيدار روڊ جي ڪم ۾ ناقص مٽيريل جي استعمال سان گڏ روڊ جي مرمت جو ڪم تمام سست رفتاري سان ڪري رھيو آھي. جنهن ڪري اسين ھن روڊ تي وڏي مشڪل سان سفر ڪريون ٿا. گذريل ھڪ سال دوران اسانجون گاڏيون تباھ ٿي ختم ٿي ويون آهن ۽ حادثن سبب ڪيتريون جانيون پڻ ضايع ٿيون آهن. جنهن اعلي اختيارين کان مطالبو ڪيو آھي ته ڄاڻايل روڊ جي ڪم ۾ ٿيندڙ ڪرپشن جي جانچ ڪري روڊ جلد کان جلد مڪمل ڪيو وڃي.










