لڪي مروت (ويب ڊيسڪ)خيبرپختونخواهه جي ضلعي لڪي مروت ۾ ٿانا صدر ويجهو ڌماڪي جي نتيجي ۾ ڊي ايس پي اقبال مهمند سميت 4 اهلڪار شهيد ٿي ويا.پوليس موجب صدر ٿاڻي تي دهشتگردن جي حملي جي اطلاع تي ڊي ايس پي واقعي واري هنڌ پهتو هو ته پير والا موري ويجهو ڊي ايس پي جي گاڏي بارودي مواد سان ڌماڪي سان ٽڪرائجي وئي.ڌماڪي جي نتيجي ۾ ڊي ايس پي اقبال مهمند سميت 4 اهلڪار شهيد ۽ 6 زخمي ٿي پيا.پوليس ترجمان موجب شهيد اهلڪارن ۾ ڪرامت، وقار، علي مرجان شامل آهن، جڏهن ته زخمين ۾ هيڊ ڪانسٽيبل فاروق، ڪانسٽيبل گلتيز، اصغر، امان الله، عارف، سردار علي شامل آهن.پوليس جو چوڻ آهي ته دهشتگردن پهريان به صدر ٿاڻي تي حملو ڪيو هو، پوليس سان فائرنگ جي ڏي وٺ کانپوءِ دهشتگرد فرار ٿي ويا.پوليس ترجمان موجب پوليس جي وڏي نفري پهچي وئي آهي ۽ علائقي کي ڪڙو چاڙهي سرچ آپريشن ڪيو پيو وڃي.










