واشنگٽن (ويب ڊيسڪ)انڊين آمريڪي ڪانگريس جا ميمبر به عمران خان جي حمايت ۾ ڳالهائڻ لڳا.هڪ بيان ۾ ڀارتي آمريڪي ڪانگريس ميمبر رخنا چيو ته پاڪستان ۾ انساني حقن جي ڀڃڪڙين جي سخت مذمت ڪريان ٿو، صحافين جي قتل ۽ سياسي ڪارڪنن جي گرفتارين جي جاچ ٿيڻ گهرجي.رخنا دعويٰ ڪئي ته ڪيترن ئي پاڪستاني آمريڪين مون کي صورتحال تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو آهي، سندس چوڻ هو ته پاڪستاني آمريڪي انساني حقن جو احترام چاهين ٿا.










