ٻن ميچز ۾ لڳاتار شڪست، افغانستان سيريز کٽي ورتي

ٻن ميچز ۾ لڳاتار شڪست، افغانستان سيريز کٽي ورتي

شارجا(ويب ڊيسڪ) ٻئي ٽي ٽوئنٽي ميچ ۾ شاداب خان ٽاس کٽي افغانستان خلاف بيٽنگ جو فيصلو ڪيو ۽ 20 اوورز ۾ 6 وڪيٽن جي نقصان تي 130 رنز اسڪور ڪيون. جواب ۾ افغانستان جي اننگ رحمان الله گرباز ۽ عثمان غني شروع ڪئي، چوٿين اوور ۾ عثمان غني کي زمان بولڊ ڪيو ۽ 30 جي مجموعي اسڪور تي پهرين وڪيٽ ڪري، 16هين اوور ۾ گرباز49 بالن تي 44 رنز ٺاهي نسيم شاهه جي ٿرو تي رن آئوٽ ٿيو، 102 جي مجموعي اسڪور تي ابراهيم زدران 40 بالن تي 38 رنز ٺاهي احسان الله جي بال تي ڪيپر اعظم خان هٿان ڪيچ ٿيو، 18هين اوور جي مڪمل ٿيڻ تي افغانستان لاءِ مشڪل صورتپيدا ٿي پر مح۾د نبي 19هين اوور جي پهرين بال تي نسيم شاهه کي ڇڪو هنيو، ٻيو ڇڪو آخري بال تي نجيب زدران هنيو، آخري اوور ۾ 5 رنز گهربل هيون، زمان خان ڪرايو، 3 بالن تي 3 رنز گهربل هيون، سنگل ٺهي، 2 بالن تي 2 رنز کپن پيون، نجيب زدران چوڪي هڻي 7 وڪيٽن تان ميچ کٽي سيريز ۾ پاڪستان کي شڪست ڏئي ڇڏي. تاريخ ۾ پهريون ڀيرو لڳاتار 2 ميچن ۾ پاڪستان کي شڪست ڏئي پهريون ڀيرو سيريز کٽي ورتي. صائم ايوب پهرين اوور جي ٻئي بال تي فضل الحق فاروقي جي بال تي رحمان الله گرباز هٿان ڪيچ ٿي ويو، پهرين اوور جي ٽئين بال عبدالله شفيق زيرو تي ايل بي ڊبليو ٿيو، فاروقي جي بدقسمتي هيٽ ترڪ نه ڪري سگهيو، چوٿين اوور ۾ محمد حارث هڪ ڇڪي ۽ ٻن چوڪن جي مدد سان 9 بالن تي 15 رنز ٺاهي نوين الحق جي بال تي گرباز هٿان ڪيچ ٿي ويو، 20 جي مجموعي اسڪور تي پاڪستان جون 3 ٽاپ وڪيٽون ڪري پيون. جنهن بعد طيب طاهر ۽ عماد وسيم اسڪور اڳتي وڌايو ۽ ڏهين اوور ۾ 60 جي مجموعي اسڪور تي طيب 23 بالن تي 13 رنز ٺاهي آئوٽ ٿيو، ڪريم جنت جي بال تي عمرزئي سندس ڪيچ پڪڙيو، جنهن بعد اعظم خان به ٻوٽو نه ٻاريو ۽ هو 4 بالن تي هڪ رن ٺاهي راسد خان جو شڪار بڻيو، بظاهر بال ليگ اسٽمپ مس پيو ڪري پر هڪ رويو باقي هو ان ڪري هو به پولين موٽيو، جنهن بعد ڪپتان شاداب خان عماد وسيم جو ساٿ ڏيڻ آيو، 14 اوور ختم ٿيڻ تي 78 تي پنج آئوٽ هئا. راشد خان جي آخري اوور ۾ 7 رنز ٺهيون، گذريل ميچ ۽ هن ميچ ۾ راشد کي هڪ بائونڊري به نه لڳي. 19 هين اوو جي  . خاتمي تي 5 وڪيٽن جي نقصان تي پاڪستان 115 رنز اسڪور ڪيون، آخري اوور نوين الحق ڪرايو،12 رنز ٺهيو شادابرن آئوٽ ٿيو ۽ پاڪستان 6 وڪيٽن جي نقصان تي 130 رنز ڄاهيون. عماد وسيم ٻن ڇڪن ۽ 3 چوڪن جي مدد سان 57 بالن تي 64 رنز ٺاهي ناٽ آئوٽ رهيو، شاداب خان 3 چوڪن جي مدد سان 25 بالن تي 32 رنز ٺاهيون.

پهنجو تبصرو موڪليو