لاهور (م ڊ) پنجاب جي نگران ڪابينا صوبي ۾ 29 مارچ کان في خاندان 20 ڪلو مفت اٽو فراهم ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي.پنجاب جي نگران وڏي وزير محسن نقوي جي صدارت هيٺ ڪابينا جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ پنجاب ۾ مفت اٽي جي فراهمي ۽ مفت اٽي جي رجسٽريشن جي عمل کي آسان بڻائڻ بابت مختلف تجويزن جو جائزو ورتو ويو.اجلاس ۾ نگران صوبائي وزيرن ۽ ٻين عملدارن تي ٻڌل ڪميٽي جوڙي وئي جيڪا رجسٽريشن بابت سفارشون پيش ڪندي.ڪابينا کي بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته هن وقت تائين اٽي جا 7 لک کان وڌيڪ ٿيلها ورهايا ويا آهن، جنهن تي ڪابينا مفت اٽي جي فراهمي جي عمل تي به اطمينان جو اظهار ڪيو.بريفنگ ۾ وڌيڪ ٻڌايو ويو ته ضروري شين جي مقرر قيمتن تي دستيابي کي يقيني بڻائڻ لاءِ چيڪنگ جون هدايتون پڻ ڏنيون ويون آهن.ڪابينا صوبي ۾ 29 مارچ کان في خاندان 20 ڪلو اٽو جي فراهمي جي منظوري ڏني.










