گهارو رپورٽ (ن س) سنڌ آبادگار فورم ۽ علماء ايڪشن ڪميٽي جي طرفان شاهنواز ڀٽو پارڪ ۾ رمضان المبارڪ جي حوالي سان غريب عوام لاءِ بچت بازار لڳائي وئي آهي آبادگار فورم جي چيئرمين ڊاڪٽر افضل آرائين تفصيل ٻڌايا ته هتي فروٽ انهي قيمت ۾ ڏيون پيا جنهن ۾ اسان کي ملي پيو. صوف 150 رپيا ڪلو. نارنگي 280 رپيا سرجن. ڪيلا 150 رپيا درجن. هنداڻي 80 رپيا ڪلو. مرغي 700 رپيا ڪلو. شربت 230 رپيا بوتل ۽ ٻيا فروٽ پڻ اڃان وڌائبا. عوام کي رليف ڏيڻ لاءِ هي بچت بازار لڳائي وئي آهي. علماء ايڪشن ڪميٽي جي اڳواڻن مولوي قاسم چانڊيو. شڪيل چانڊيو. سلمان فارسي ۽ ٻين هن بازار کي وڌيڪ وڌائڻ لاءِ ڪوششون جاري رکڻ جو ٻڌايو هنن ٻڌايو ته هن بچت بازار ۾ اٽو وغيره پڻ رکيو ويندو ۽ رمضان شريف جي آخري عشري ۾ غريب ماڻهن لاءِ سبيل ڪپڙا ۽ ٻيو ضروري سامان جيڪو عيد جي ڪم اچي ضرور رکيا ويندا. عوام جو رجهان بچت بازار ۾ ڏسڻ ۾ آيو ۽ اهڙي عمل کي ساراهيو ويو گهاري شهر جي سڄاڻ ڌرين جو چوڻ هو ته اهڙي مهنگائي جي دئور ۾ سنڌ آبادگار فورم ۽ علماء ايڪشن ڪميٽي جي طرفان اهڙي سستي بچت بازار لڳائڻ تمام بهتري عمل آهي










