پي ٽي آئي ڪارڪنن جو پي ايس ايل جي سيڪيورٽي تي مامور گاڏي تي حملو

پي ٽي آئي ڪارڪنن جو پي ايس ايل جي سيڪيورٽي تي مامور گاڏي تي حملو

لاهور(ويب ڊيسڪ)پاڪستان تحريڪ انصاف (پي ٽي آءِ) جي ڪارڪنن پاڪستان سپر ليگ (پي ايس ايل) جي سيڪيورٽي اهلڪارن کي به نه بخشيو ۽ زمان پارڪ ويجهو گذرندڙ ايلٽ فورس جي وين تي حملو ڪري ڏنو.پي ٽي آءِ ڪارڪنن گاڏين جي ڀڃڪڙي ڪئي، اهلڪارن کي گرفتار ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، پوليس اهلڪار جان بچائي ڀڄي ويا، ڪارڪنن 2 رائفلون پڻ ڦريون.لاهور کان واپسي دوران پي ٽي آءِ ڪارڪنن ڪئنال روڊ تان گذرندڙ پوليس جي گاڏي تي حملو ڪري ان جي ونڊو ٽوڙي ڇڏيا ۽ پٿراءُ ڪيو.زمان پارڪ وٽ موٽرسائيڪل تان گذرندڙ پوليس اهلڪار کي به تشدد جو نشانو بڻايو ويو.پنجاب حڪومت ايليٽ فورس جي ٽيم ۽ گاڏين تي حملو ڪندڙن خلاف ڪارروائي جو فيصلو ڪيو آهي.پنجاب حڪومت جي ترجمان جو چوڻ آهي ته ايلٽ فورس جي ٽيم ۽ گاڏي تي حملو ڪندڙ شرپسندن خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي.

پهنجو تبصرو موڪليو