اسلام آباد(بيورو رپورٽ) وفاقي گادي واري شهر ۾ سڄي رات ڳڙي ۽ گجگوڙ سان برسات ٿيندي رهي جنهن سبب ٿڌ ۾ اضافو ٿي ويو آهي. موسم خزان جي خاتمي بعد بهار جي مند شروع ٿيڻ سان ئي سڪل وڻن تي گونچ ڦٽڻ شروع ٿي ويا آهن پر راتوڪي ڳڙي واري برسات سبب ڪافي وڻن جا ڦٽل گونچ به ڇڻي ويا آهن. موسميات جي ماهرن جو چوڻ آهي ته عام طور تي مارچ ۾گرمي شروع ٿي ويندي آهي پر دنيا ۾ موسمياتي تبديلين جي اثر سبب پاڪستان ۽ خاص ڪري اترين علائقن ۾ اڃا ٿڌ جو اثر برقرار آهي. اسلام آباد سميت ڀرپاسي جي علائقن ۾ اڃا پکا به هلڻ شروع ناهن ٿيا.










